زنبيل

زنبيل

زنبيل 2

زنبيل (ڪتاب): هيءُ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي مضمونن، مقالن، ليکن، تاثرن، سفرنامن، ملاقاتن ۽ تبصرن تي مستمل ڪتاب آهي. جنهن ۾ ليکڪ جا 1950ع کان مختلف اخبارن، رسالن ۽ مخزنن ۾ لکيل مضمون شامل آهن. انهن ۾: ڪٺمال (2002ع) ۾ 67، شاهه جي رسالي جو مطالعو (2005ع) ۾ 32، سچل سرمست هڪ مطالعو (2006ع) ۾21 مضمون/تاثر وغيره شامل آهن. سندس مقالن جي هن ڪتاب زنبيل ۾ 107 مقالا وغيره ڏنا ويا آهن. ليکڪ ڪتاب جو نالو ’عمرو عيار‘ جي زنبيل تان مستعار ورتو آهي، جنهن جو مطلب ڳوٿري يا ٿيلهو ٿئي ٿو. ان جي نسبت سان جوڻيجي صاحب ڄڻ ته ادبي ڳوٿريءَ ۾ مضمون/مقالن/ تبصرن وغيره جو مواد موجود ڪيو، سو زنبيل ڪتاب ۾ اچي ويو آهي. ان مواد کي فاضل ليکڪ مختلف عنوانن جهڙوڪ: شخصيتون ۽ جائزه، سفر ۽ ملاقاتون، تاثر ۽ تبصره عنوانن ۾ ورهائي پيش ڪيو آهي. ڊبل ڪرائون سائيز جي 578 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب کي سنڌي ادبي بورڊ ڄامشوري 2010ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي ۽ هن ڪتاب جي قميت 620 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو